سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي &# - MeraForum Community.No 1 Pakistani Forum Community

MeraForum Community.No 1 Pakistani Forum Community

link| link| link
MeraForum Community.No 1 Pakistani Forum Community » Poetry » Urdu Poetry Categories » Members Poetry Collections » سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي &#
Members Poetry Collections !! Share your Poetry Collections Here !!

Advertisement
 
Post New Thread  Reply
 
Thread Tools Display Modes
(#1)
Old
nazeer1's Avatar
nazeer1 nazeer1 is offline
 


Posts: 648
My Photos: ()
Country:
Join Date: Nov 2014
Gender: Male
Default سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي &# - >>   Show Printable Version  Show Printable Version   Email this Page  Email this Page   12-23-2015, 07:58 PM

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي سنڌ سرڪار ڪيتري مڃتا ڏني آهي؟
ايم بي سنڌيءَ کي لطيف ايوارڊ ڏنو وڃي.
------------------------------------------------
اڄ جيڪڏهن ڪارونجھر کان ڪشمور تائين ئي نه پر پوري دنيا ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي صورتخطيءَ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي سگھن ٿا، جيڪڏهن سنڌ جي پرانهين علائقن ۾ به شاديءَ جي ڪارڊن تي ڪمپيوٽرائي ٻوليءَ ۾ سنڌي پڙهن ٿا ته اسان اهو ڇو نه ٿا مڃئون ته ان سڄي معلوماتي انقلاب جي پويان هن يگاني فقير طبيعت ماڻهوءَ جو ڏينهن رات جو پورهيو ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ سنڌي ٻوليءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر وقت بغير پئسن ڏيڻ جي ڪمپيوٽر تي لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي.
اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جون سوين اخبارون ۽ رسالا بلڪل مفت ۾ مائڪرو سافٽ جي پروگرام ”پبلشر“ ۾ ڪمپوز ٿي رهيا آهن ان جي ابتڙ ته اردو ٻولي اڄ به پئسن واري پروگرام ”ان پيج“ جي محتاج آهي ته ان ۾ ڊجيٽائيزڊ حاتم طائي محترم عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو ئي احسان آهي.
اڄ جيڪڏهن شاه جو رسالو پوري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن تائين پهتو آهي جيڪو هر ڊوائيس تي پڙهي سگھجي ٿو ان اها به ڪاوش ان فقير مڻش جي ئي آهي.
اڄ جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب ”اليڪٽرانڪ پبليڪيشن“ (E-Pub) ۾ موجود آهي جنهن کي لکين ماڻهن ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڊجيٽل مشينن ۾ رکي ان کي پڙهي سگھن ٿا ته به ان جو سڄو سارو سهرو سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ڏي ئي وڃي ٿو!
۽ ان ئي ايم بي سنڌيءَ کي مائڪرو سافٽ وارا پنهنجو ميمبر ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا، ان ئي ايم بي سنڌيءَ کي يونيڪوڊ وارا پنهنجي ميمبر ڪندي اعزاز سمجھن ٿا پر جيڪڏهن اهو ئي عبدالماجد ڀرڳڙي جيڪو اسان جي ميڊيائي مان ۽ سرڪاري اعزازن کي اهميت نه ڏيندي وري به شاه سائين جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو ته اسان ضمير وارن ماڻهن جو ڪنڌ شرم کان ضرور جھڪي ٿو!
اچو ته هن پيغام کي ڦهلائيندي سنڌ سرڪار واري ثقافت ۽ سياحت واري وزارت کي پرزور اپيل ڪيون ته شاه لطيف جي پيغام کي دنيا جهان ۾ ڦهلائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ مڪمل ڊجيٽائيز ڪرڻ جي صلي ۾ کيس ”لطيف ايوارڊ“ ڏنو وڃي. اسان سمجھون ٿا ته هن سلسلي ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي محسن جي ڪيل ڪم کي ڪجھ ته انصاف ڏئي سگھن ٿا!
مهرباني ڪري هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ ونڊيندا ته جيئن ايوانن تائين هن آواز جي گونج پهچي.
احسانمند

 

Reply With Quote Share on facebook
Sponsored Links
Post New Thread  Reply

Bookmarks

Tags
ايم, بي, سنڌي, صاحب, کي

Thread Tools
Display Modes

Posting Rules
You may not post new threads
You may not post replies
You may not post attachments
You may not edit your posts

BB code is On
Smilies are On
[IMG] code is On
HTML code is Off

Similar Threads
Thread Thread Starter Forum Replies Last Post
گاجر کے استعمال سے بينائي ميں اضافہ ہوتا ROSE Health & Care 4 06-05-2013 02:51 AM
گاجر کے استعمال سے بينائي ميں اضافہ ہوتا ہ ROSE Health & Care 5 05-31-2013 09:28 PM
!!!!!!!! پل بھر ميں تمام عمر کي سوچيں بدل جاتي ہيں !!!!!! Shaam Urdu Writing Poetry 4 03-13-2012 06:04 PM
بندر کي طرح مجھے نچاتي ہے ميري بيگم ROSE Funny Poetry 6 08-24-2011 04:27 PM
زمانہ آيا ہے بے حجابي کا ، عام ديدار يار ہو گ& )*¤° ąℓɨƶą ąhʍ€ď °¤*( Miscellaneous/Mix Poetry 2 08-03-2011 10:44 AM


All times are GMT +5. The time now is 03:37 PM.
Powered by vBulletin®
Copyright ©2000 - 2024, Jelsoft Enterprises Ltd.

All the logos and copyrights are the property of their respective owners. All stuff found on this site is posted by members / users and displayed here as they are believed to be in the "public domain". If you are the rightful owner of any content posted here, and object to them being displayed, please contact us and it will be removed promptly.

Nav Item BG