MeraForum Community.No 1 Pakistani Forum Community

MeraForum Community.No 1 Pakistani Forum Community (http://www.MeraForum.Com/index.php)
-   Members Poetry Collections (http://www.MeraForum.Com/forumdisplay.php?f=130)
-   -   سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي &# (http://www.MeraForum.Com/showthread.php?t=120843)

nazeer1 12-23-2015 07:58 PM

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي &#
 
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي (ايم بي سنڌي) صاحب کي سنڌ سرڪار ڪيتري مڃتا ڏني آهي؟
ايم بي سنڌيءَ کي لطيف ايوارڊ ڏنو وڃي.
------------------------------------------------
اڄ جيڪڏهن ڪارونجھر کان ڪشمور تائين ئي نه پر پوري دنيا ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي صورتخطيءَ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي سگھن ٿا، جيڪڏهن سنڌ جي پرانهين علائقن ۾ به شاديءَ جي ڪارڊن تي ڪمپيوٽرائي ٻوليءَ ۾ سنڌي پڙهن ٿا ته اسان اهو ڇو نه ٿا مڃئون ته ان سڄي معلوماتي انقلاب جي پويان هن يگاني فقير طبيعت ماڻهوءَ جو ڏينهن رات جو پورهيو ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ سنڌي ٻوليءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر وقت بغير پئسن ڏيڻ جي ڪمپيوٽر تي لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي.
اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جون سوين اخبارون ۽ رسالا بلڪل مفت ۾ مائڪرو سافٽ جي پروگرام ”پبلشر“ ۾ ڪمپوز ٿي رهيا آهن ان جي ابتڙ ته اردو ٻولي اڄ به پئسن واري پروگرام ”ان پيج“ جي محتاج آهي ته ان ۾ ڊجيٽائيزڊ حاتم طائي محترم عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو ئي احسان آهي.
اڄ جيڪڏهن شاه جو رسالو پوري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن تائين پهتو آهي جيڪو هر ڊوائيس تي پڙهي سگھجي ٿو ان اها به ڪاوش ان فقير مڻش جي ئي آهي.
اڄ جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب ”اليڪٽرانڪ پبليڪيشن“ (E-Pub) ۾ موجود آهي جنهن کي لکين ماڻهن ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڊجيٽل مشينن ۾ رکي ان کي پڙهي سگھن ٿا ته به ان جو سڄو سارو سهرو سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ڏي ئي وڃي ٿو!
۽ ان ئي ايم بي سنڌيءَ کي مائڪرو سافٽ وارا پنهنجو ميمبر ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا، ان ئي ايم بي سنڌيءَ کي يونيڪوڊ وارا پنهنجي ميمبر ڪندي اعزاز سمجھن ٿا پر جيڪڏهن اهو ئي عبدالماجد ڀرڳڙي جيڪو اسان جي ميڊيائي مان ۽ سرڪاري اعزازن کي اهميت نه ڏيندي وري به شاه سائين جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو ته اسان ضمير وارن ماڻهن جو ڪنڌ شرم کان ضرور جھڪي ٿو!
اچو ته هن پيغام کي ڦهلائيندي سنڌ سرڪار واري ثقافت ۽ سياحت واري وزارت کي پرزور اپيل ڪيون ته شاه لطيف جي پيغام کي دنيا جهان ۾ ڦهلائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ مڪمل ڊجيٽائيز ڪرڻ جي صلي ۾ کيس ”لطيف ايوارڊ“ ڏنو وڃي. اسان سمجھون ٿا ته هن سلسلي ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي محسن جي ڪيل ڪم کي ڪجھ ته انصاف ڏئي سگھن ٿا!
مهرباني ڪري هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ ونڊيندا ته جيئن ايوانن تائين هن آواز جي گونج پهچي.
احسانمند


All times are GMT +5. The time now is 09:45 PM.

Powered by vBulletin®
Copyright ©2000 - 2025, Jelsoft Enterprises Ltd.